بياض مير مائل

بياض مير مائل (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب ننڍي سائيز جي تقريباً 200 ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو ليکڪ مير غلام علي مائل آهي. تمام باريڪ شڪسته خط ۾، مير صاحب جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل آهي. هن وقت اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. منجهس قصيدا، منقبت، نعتون، سلام، تاريخي قطعا ۽ متفرق شعر جمع ڪيل آهن ۽ نهايت سليقي، قريني ۽ ترتيب سان لکيا ويا آهن. ڪاغذ تمام پراڻو ٿي چڪو اٿس ۽ هٿ لڳڻ سان پيو ڀُري. هيءُ بياض فارسي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇاپيو ويو آهي.


لفظ بياض مير مائلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو